جن جو عشق الله سان

جن جو عشق الله سان (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سگھڙ شاعر فقير محمد قاسم ڪلوڙ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ڪتاب جو مرتب قمرالدين کوسو آهي. هن ڪتاب ۾ فقير محمد قاسم ڪلوڙ جي لوڪ ادب جي مختلف صنفن: حمد، سينگار بيت، گوريءَ جا بيت، ڏهس جا بيت، آجيان بيت، پندرهين صديءَ جا بيت، نصيحت جا بيت، ڏور بيت، گرچيلو، ڳجھارت ۽ ٻيا نصيت ڀريا نقطا شامل آهن. 176 صفحن تي مشتمل، پڪي ۽ رنگين ٽائيٽل واري هن ڪتاب جي قيمت 75 روپيا ڄاڻايل آهي. هي ڪتاب ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ سگھڙ ريسرچ اينڊ ڊويلپمنٽ انسٽيٽيوٽ ڪراچي“ طرفان 2000ع ۾ ڇپايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو